SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ريگن جو نظريو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ريگن جو نظريو

Reagan Doctrine

ريگن ڊاڪٽرين

1981ع کان 1989ع جي عرصي ۾ آمريڪي صدر رونالڊ ريگن، ملڪي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ نوان لاڙا ڏنا ان کي ”ريگن ڊاڪٽرين“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. عالمي منظرنامي ۾ ريگن جي ڏنل اها پاليسي پنهنجي جوهر ۾ اڳوڻن ريپبلڪن آمريڪي صدرن (ٽرومين ۽ نڪسن) کان گهڻي مُختلف نه هُئي. ڇاڪاڻ ته انهن ٻنهي صدرن جي به ساڳي ايجنڊا هئي، ته سوويت يونين کي ڪهڙي طرح وڌ کان وڌ ڪمزور ڪري ٽوڙجي؟ ڪميونزم جو خاتمو ڪيئن آڻجي؟ ۽ 1970ع جي ڏهاڪي ۾ سوويت يونين دُنيا جي مختلف ملڪن ۾ جيڪو اثر وڌايو هو، تنهن اثر کي ڪيئن گهٽائي ختم ڪجي ؟ ان سلسلي ۾ صدر ريگن ٽين دنيا جي ملڪن ۾ هلندڙ نيوڪليائي پروگرامن کي ضابطي هيٺ آڻڻ يا بند ڪرڻ جون پاليسيون به متعارف ڪرايون. ان ڏهاڪي (1980ع) جي دوران جيتوڻيڪ افغانستان ۽ نڪاراگئا جي مُلڪن ۾ سوويت يونين حاوي ٿي چڪو هيو، پر آمريڪا کي انهيءَ ڳالهه جي چڱي طرح ڄاڻ هئي، ته جيئن ويٽنام تي قبضي ۾ آمريڪا کي ڪجهه هڙ حاصل نه ٿيو هيو، ائين سوويت يونين کي به انهن ٻنهي ملڪن (افغانستان ۽ نڪاراگئا) ۾ ڪا وڏي ڪاميابي حاصل نه ٿيندي. آمريڪا جي خيال مطابق افغانستان ۾ صدين کان جنگجو ذهنيت رکندڙ عوام ڪڏهن به هار تسليم نه ڪندا، جڏهن ته ٻئي طرف نڪاراگئا جي سياسي تاريخ ٻُڌائي پئي ته ان مُلڪ جا سياسي اڳواڻ هميشه لالچن جي بنيادن تي فيصلا ڪندا رهيا آهن- جنهن ڪري اُهي ٿورڙين مراعتن ۽ لالچن تي تبديل ٿيندي دير نه ڪندا. بهرحال پنهنجي تمام وڏين دعوائن باوجود، صدر ريگن جي پرڏيهي پاليسي ڪا خاطر خواهه نتيجا نه ڏئي سگهي. آمريڪي صدارتي محل ”وائيٽ هائوس“ جو رڪارڊ گواهه آهي، ته پنهنجي سخت هوڙهيائي پسند طبيعت ۽ طاقت جي استعمال ذريعي عالمي معاملا حل ڪرڻ واري نظريي جي وڪيل، آمريڪي صدر ريگن جا آخري سال روايتي طرح سوويت يونين جي صدر گورباچوف سان ڳالهيون ڪندي گذريا. ان هوندي به ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو، ته صدر ريگن جي پاليسي، عالمي طاقتن وچ ۾ هٿيارن جي ڊوڙ واري رُجحان کي جنم ڏنو. انهيءَ ڊوڙ ۾ اڳڀرو ٿيڻ لاءِ سوويت يونين پنهنجي معيشيت تي وڌيڪ ڌيان نه ڏئي سگهيو، جنهن جي ڪري ئي سوويت يونين جو زوال آيو ۽ اُهو هڪ ”سُپر پاور“ واري حيثيت وڃائي ويٺو


Remember Me Also:

ڇني

اسم خاص. تعلقي جوهيءَ ۾ هڪ ديهه جو نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal